آتش زرتشت

آتشِ زرتُشت: زرتشت (660-583 ق.م) قديم ايراني مفڪر ۽ مذهبي پيشوا هو، سندس ٽن بنيادي رڪنن مان هڪ آتش زرتشت به هو، اهو باهه کي مقدس ۽ پاڪ عنصر ڄاڻائي ٿو. ان کان علاوه آتش زرتشت، اهڙي باهه کي چون ٿا، جيڪا زرتشت ايران جي هڪ مندر ۾ پنهنجي هٿن سان روشن ڪئي هئي. هڪ روايت موجب جڏهن آخري نبي صلي الله عليه وسلم جن جي پئدائش ٿي ته آتشِ زرتشت خود بخود وسامي ويئي هئي! (وڌيڪ ڏسو: آتش پرست)


لفظ آتش زرتشتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو